خروشتي/کروشتي خط

خروشتي/کروشتي خط

خروشتي کروشتي خط

خروشتي/کروشتي خط: خروشتي/کروشتي خط (Script) برهمي لپيءَ جي خاندان سان واسطو رکندڙ خط آهي، جيڪو برهمي لپيءَ جي ابتڙ ساڄي کان کاٻي لکيو وڃي ٿو. خروشتي خط، برهمي خط جي اوج واري زماني جو سهيوڳي خط چئي سگهجي ٿو، جيڪو پاڪستان جي اترين علائقن توڙي افغانستان ۾ ٽين صدي ق. م ڌاري استعمال هيٺ هو، ليڪن هندستان جي ڪن علائقن ۾ به هن خط ۾ لکيل ڪي لکتون مليون آهن. برهمي خط وانگر هي خط به عوامي سنسڪرت بدران پراڪرت مان نڪتل نظر اچي ٿو، ڇو ته ان زماني ۾ سنسڪرت کي ديوتائي زبان جو درجو ڏئي عام ماڻهن کان الڳ رکيو ويو هو ۽ عام ماڻهن جون ٻوليون ’پراڪرتون‘ سڏبيون هيون. برهميءَ وانگر خروشتي لپيءَ ۾ به حرف علت تي ٻڌل ٻٽا پد ڪو نه ٿين. خروشتي خط بنيادي طور گنڌاري ٻولي لکڻ جي ڪم ايندو هو. هن خط جي جوڙجڪ برهمي خط وانگر آهي. ڇو ته ٻنهي ۾ حرف علت ’اَ‘ موجود رهي ٿو. ٻنهي خطن ۾ حرف علت جون نشانيون ذري گهٽ ساڳيون آهن. وينجن يا حرف صحيح، نشانين کي ڀرسان رکڻ
(Juxtaposing) يا هڪٻئي سان ڳنڍڻ (Ligature) سان ٺهن ٿا. پوءِ به ٻنهي خطن ۾ ڪافي فرق آهي. هي خط ٽين ۽ چوٿين صديءَ عيسوي تائين، برهمي خط جي جاءِ تي اتر-ڏکڻ هندستان کان اڀرندي آسام تائين، خاص طور اشوڪ اعظم جي دور ۾ عروج تي هو ۽ پوءِ گم ٿي ويو. خروشتيءَ ۾ ڪل 31 وينجن يا حرف صحيح آهن. جڏهن ته برهميءَ ۾ 33 حرف صحيح آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو